رضوي مير يعقوب علي سيد

رضوي مير يعقوب علي سيد

رضوي مير يعقوب علي سيد

رضوي، مير يعقوب علي سيد: نامور بزرگ سيد يعقوب علي رضوي، سيد ميران محمد مڪيءَ جي گھر ۾ جنم ورتو. هيءُ پنهنجي وقت ۾ علم ۽ عرفان جي وڏيءَ منزل تي پهتل هو. سيد مير يعقوب علي رضويءَ کي 1666ع ڌاري اورنگزيب عالمگير جي وقت ۾ سيوهڻ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن پنهنجي حڪمرانيءَ دوران سيوهڻ ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائي هئي، جنهن کي ڪيترن ئي تاريخ نويسن ساراهيو آهي. ان مسجد جي عمارتسازي اعليٰ نموني جي هئي، جنهن جو ڪم 1763ع ڌاري مڪمل ٿيو. ان مسجد جو خطيب محمد مراد انصاريءَ کي مقرر ڪيو ويو هو. سيد يعقوب علي پنهنجي وقت ۾ سنڌ جي اصلوڪن رهواسين کي حڪومتي ڪاروهنوار توڙي مذهبي فرضن جي ادائگين لاءِ وڌيڪ اهميت ڏيندو هو. هن لاءِ مشهور آهي ته مذڪوره مسجد جي پيش امام محمد مراد انصاريءَ کي سندس پيش اماميءَ واري ذميواريءَ تان معزول ڪري ڇڏيائين، جو کيس خبر پئي ته محمد مراد انصاريءَ جو حسب نسب سنڌ سان واسطو رکندڙ ناهي! پيش امام جي معزوليءَ بعد سندس خلاف انتشار ڦهليو. مذهبي اڳواڻن مداخلت ڪئي. ان جي باوجود محمد مراد انصاريءَ جو شجرو ڪڍائي، سنڌي هئڻ جي تصديق ڪرڻ بعد کيس ساڳئي عهدي تي بحال ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو